پريتم ڀڳت

پريتم ڀڳت: پريتم ڍالومل پارواڻي 8 جولاءِ 1934ع تي خيرپور سنڌ ۾ ڄائو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان لڏي ويو. هن جو تعلق ڀڳتن جي خاندان سان هو. سندس وڏا پڻ ان فن ۽ ڪلا سان لاڳاپيل هئا. پريتم الله لوڪ، سادو ۽ آرٽ جو شيدائي انسان هو. هندستان ۾ هوندي پريتم سنڌي لوڪ موسيقيءَ جي ڏس ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو. 1975ع کان 1990ع تائين لوڪ گيتن جا ڇهه واليم ’A.I.R‘ (ايئر انڊيا ريڊيو) جي ذريعي سنڌي موسيقيءَ کي ارپيائين. هو ’A.I.R‘ طرفان رجسٽرڊ ۽ مڃيل آرٽسٽ هو. هن ڪيترن ئي موقعن تي مختلف جشن ۾ سنڌي شائقن کان تمام گهڻو داد حاصل ڪيو. سندس فني عظمت کي ڏسندي هندستان جي ڪيترين پنچائتن ۽ ائسوسيئيشنس کيس مختلف اعزازن ۽ اوارڊن سان نوازيو. هن کي پروفيسر رام پنجواڻي ڪلچرل سينٽر ممبئي ۽ سهجپور سنڌي پنچائت احمد آباد طرفان گولڊ ميڊل ۽ مختلف اعزاز ڏنا ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو